تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

طلال چوڌري مبينا حملي ۾ زخمي، عورت ايم اين جي ڀائرن تي الزام

لاهور (بيورو رپورٽ) فيصل آباد ۾ نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري مبينا حملي ۾ زخمي ٿي پيو. طلال جي جي ڀاءُ موجب طلال چوڌري تي ڪينال روڊ وٽ رات جو 4 ماڻهن حملو ڪيو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو آهي. طلال جي ڀاءُ موجب طلال جو کاٻي ڪلهي ۽ ٻانهن کي ڌڪ رسيو آهي ۽ هو لاهور جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جتان ٻن ڏينهن بعد ڊسچارج ٿيڻ جو امڪان آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعو 24 سيپٽمبر جي رات 3 وڳي عورت ايم اين اي جي گهر ٻاهران پيش آيو، اڃا تائين ڪنهن به ڌر ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست نه ڪئي آهي. ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته طلال چوڌري مٿان مبينا طور تي مسلم ليگ جي هڪ عورت ايم اين اي عاشه رجب جي ڀائرن تشدد ڪيو آهي ليگي عورت ايم اين اي جو تعلق به طلال چوڌري جي شهر فيصل آباد سان آهي. طلال چوڌري جي مبينا جهيڙي جي وقت جي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته طلال چوڌري چوي ٿو ته مونکي تنظيم سازي جو چئي گهرايو ويو، مون کان موبائل فون به ڦريو ويو آهي. وڊيو ۾ هو چوي ٿو ته منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي آهي، اوهان ڪنهن اعليٰ آفيسر کي گهرايو، اوهان سي پي او سهيل چوڌري کي ٻڌايو ته طلال سان واقعو پيش آيو آهي، منهنجو موبائل فون ملندو ته سڀ سامهون اچي ويندو. ان سلسلي ۾ طلال چوڌري جاري هڪ مختصر بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ماڻهو واقعي کي سياسي رنگ ڏين پيا، واقعو جو ڪنهن عورت ايم اين اي سان تعلق ناهي ، خبرون حقيقتن جي ابتڙ آهن، ميڊيا کي گذارش آهي ته عورتن جي تقدس جو خيال رکن، آئون تفصيلي موقف جاري ڪندس. ٻئي طرف طلال تي مبينا حملي جي حوالي سان وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خصوصي معاون شهباز گِل طلال تي پنهنجي ئي پارٽي نواز ليگ جي عورت ايم اين اي کي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، هن چيو ته طلال چوڌري پاران عورت ايم اين اي کي هراسان ڪرڻ افسوسناڪ آهي، حڪومت قدم کڻندي ۽ عورت ايم اين اي جي هر صورت ۾ حفاظت ڪندي. وزيراعظم جي معاون جو چوڻ هو ته هي واقعو مسلم ليگ نواز جو اصل چهرو عوام سامهون آڻي ٿو، ماضي ۾ به خواجا آصف هجي يا طلال چوڌري عورتن بابت اڻ وڻندڙ جملا ڳالهائيندا رهيا آهن، هن چيو ته طلال صحافين کي ٻڌايو ته روڊ حادثو ٿيو آهي، لڳي ٿو مريم نواز عورت ايم اين اي تي دٻاءُ وڌو آهي.

Bookmark the permalink.