تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

طبي سامان گهرائڻ لاءِ چين جي سرحد هڪ ڏينهن کولڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) طبي سامان گهرائڻ لاءِ چين جي سرحد 28 مارچ تي هڪ ڏينهن لاءِ کولڻ جو اعلان، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو آهي ته چين کان اڄ هڪ لک ماسڪ پاڪستان پهچي ويندا. وزيراعظم سان گڏ اينڪرپرسنز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيوته ملڪ ۾ هن وقت 2200 وينٽيليٽر موجود آهن، 10 هزار وينٽليٽر گهرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون پر بدقسمتي سان چين کانسواءِ ڪنهن به ملڪ مان اسان کي سامان نه ٿو ملي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ست، ست سالن لاءِ سامان جي بڪنگ ڪرائي آهي، اسان به ڪجهه آرڊر بُڪ ڪرايا آهن، 26 مارچ تي 50 هزار ٽيسٽ ڪٽس به اچي رهيون آهن. چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪورونا متاثرن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا پي وڃن، وسيلن کي ڏسي فيصلا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته طبي سامان خريدڻ لاءِ 25 ارب رپيا منظوري ٿيا آهن، طبي سامان گهرائڻ لاءِ 28 مارچ تي هڪ ڏينهن چين جو بارڊر کولينداسين. هن چيو ته ماڻهو منعافي خوري ڇڏي عوام جي خدمت ڪن

Bookmark the permalink.