تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

“ضياءُ سهتو جا قاتل گرفتار ڪيو” ڪنڊيارو ۾ وارث سراپا احتجاج

ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شهر جي ڪلتار پور محلي ۾ 16 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل سماجي اڳواڻ ضياءُ سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب وارث انصاف گهري رهيا آهن، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سهولتڪار بڻيل آهي، ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن پاران ارشاد الحق سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 16هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي مقتول جي خون سان انصاف جي گهر ڪئي وئي، احتجاج ۾ شريڪ مقتول جا معصوم ٻار والد جون تصويرون هٿ ۾ کڻي واڳ ڌڻين کان اهو مطالبو ڪري رهيا هئا ته سندن والد جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان معصومن سان انصاف ڪيو وڃي، مقتول ضياءُ سهتو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندس ڀاءُ ارشاد الحق سهتو پاران ڪراچي ۾ آءِ جي آفيس اڳيان پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي، مقتول جي ڀاءُ ارشادالحق سهتو دانهيندي چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون، اسان جي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، اسان جو ڀاءُ هڪ سماج سڌارڪ هيو، هن سدائين مظلوم ماڻهن جي وس آهر خدمت ڪئي، پر ظالمن ظلم ڪندي اسان جي ڀاءُ تي حملو ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري، پوليس قاتلن کان رشوت وٺي سندن ڌر بڻجي وئي آهي، ايس ايڍ او رحم علي واسواڻو، جاچ آفيسر نياز ٽانوري ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سرعام ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پوليس اسان جي ڀاءُ جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، هن آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مقتول ضياءُ سهتو جي قاتلن کي گرفتار ڪري ايس ايچ او رحم علي واسواڻو کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ هو ڪراچي ۾ پاڻ کي ٻچن سميت باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندو، جنهن جي سموري ذميواري ڪنڊيارو ايس ايچ او ۽ پوليس جي هوندي.

Bookmark the permalink.