تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

ضلعي نوشهروفيروز جي مختلف علائقن ۾ جابلو پکي ٻٽيرا پهچڻ شروع، شڪارين ڄار وڇائي ڇڏيا

لاکاروڊ (رپورٽ: غلام محمد زرگر) ضلعي نوشهرو فيروز جي مختلف علائقن ڀرياسٽي، ڀرياروڊ، پڊعيدن، ڪنڊيارو، ٺاروشاھ، مٺياڻي، مورو، هالاڻي، محرابپور۽ لاکاروڊ سميت ٻين علائقن ۾ سائيبيرين جابلو پکي ٻٽيرا ھزارن جي تعداد ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا، مقامي شڪارين جا جاوا، ٻٽيرن کي ڦاسائڻ لاءِ سوين ڄار لڳي ويا، في ٻٽيرو پکي 50 کان 70 رپين ۾ وڪامڻ لڳو. وڏن شڪارين کان علاوه غريب پورهيت به رات جو ٻٽيرا ڦاسائڻ لڳا، جيڪي ٻٽيرن جو گوشت پنهنجي گهرن ۾ به پچائي کائڻ کان علاوه ٻٽيرا پڪڙي وڪرو ڪري روزي به ڪمائين ٿا. ٻٽيري کي شڪاري دوکي سان ڦاسائين ٿا، رات جي وقت فصلن جي ڀرسان کليل ميدان ۾ ڄار لڳائي ان ۾ ٽيپ ريڪارڊ ۾ ٻٽيرن جي ٻولي جي ريڪارڊ ٿيل آواز ڪيسٽ يا ميمري ڪارڊ ۾ لڳائي وڏي آواز ۾ هلايو وڃي ٿو ته فصلن ۾ ۽ فضا ۾ اڏامندڙ (سفر ڪندڙ) ٻٽيرا پکي ان ٽيپ جي آواز تي ٽولن جي صورت ۾ لهن ٿا، صبح جو فجر ويل شڪاري ڊگهي رسي جي مدد سان فصلن ۾ کين ڄار طرف هڪلين ٿا، ڄار جي ويجهو اچي هو جيئن ئي زمين کان اڏامن ٿا ته اسپيڊ سان ڄار سان ٽڪرائن ٿا جنهن جي ڪري سندن پر ۽ پير ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا. ڄار 500 کان هڪ هزار فوٽ جي ويڪر جو لڳايو وڃي ٿو، جنهن جي اونچائي اٽڪل 15- فوٽ هجي ٿي، في ڄار ۾ 100 کان 200 ٻٽيرا آساني سان ڦاسن ٿا. عرب سياح پڻ سنڌ ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽي ۽ بلوچستان ۾ ٻٽيرن جو شڪار ڪرڻ پاڪستان ايندا آهن. مقامي زميندار يا سياسي سماجي شخصيتون ٻٽيرا ڦاسائي ملڪ جي وڏين شخصيتن جهڙوڪ ايم پي اي، ايم اين اي، صوبائي توڙي وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل آفيسرن کي نوابشاھ ، سکر، حيدرآباد ، ڪراچي توڙي لاهور ۽ اسلام آباد تحفي طور موڪلين ٿا يا وري کين پنهنجي ڳوٺن ۾ دعوتن ۾ گهرائي ٻٽيرن جو گوشت کارائين ٿا.

Bookmark the permalink.