تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

صوبائي ڪاميٽي ۾ رڳو ڪراچي جو ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر شامل

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران ڪراچي پيڪيج تي عمل ڪرائڻ لاءِ صوبائي سطح جي پراونشل ڪو آرڊينيشن اينڊ امپليمينٽينشن ڪاميٽي (پي سي آءِ سي) جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن ته جاري ڪيو ويو آهي پر انهي ڪاميٽي ۾ رڳو ڪراچي جا ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پرڳڻي جي باقي 5 ڊويزنن جي ايڊمنسٽريٽرن توڙي ڪمشنرن لاءِ ڪا گنجائش نه رکي وئي آهي. هڪ معاشي ماهر جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار تنقيد کان بچڻ لاءِ ڪراچي لاءِ جوڙيل انهي ڪاميٽي کي صوبائي ڪاميٽي جو نالو ڏنو آهي.

Bookmark the permalink.