تازا ترين
  • *تنگواڻي ۾ باگڙي برادري جي گهرن کي باهه، چوپايو مال ۽ٻيو سامان سڙي رک*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*

صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جِي تڪ ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ورهائڻ جي دعويٰ شهرين رد ڪري ڇڏي

تڪ ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ورهائڻ واريون تصويرون بنگلي تي ئي ڪڍيون ويون

صوبائي وزير تڪ ۾ آيو ئي ناهي، قيادت کي ڏيکارڻ لاءِ تصويرون جاري ڪيون ويون: شهري

پنو عاقل ( رپورٽ: برڪت جهنڊير/نديم بوزدار) صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنهنجي تڪ عادلپور ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ورهائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪورونا وائرس سان جنگ جاري آھي، ڏکئي گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون، ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اسماعيل عباسي ۽ ٽائون چيئرمين شبير شيخ کي 5 هزار ماسڪ ۽ 5 هزار سينيٽائيزر عوام ۾ ورهائڻ لاءِ ڏنا آهن، هوڏانهن پنو عاقل واسي صوبائي وزير جي ڪيل دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي سخت ڪاوڙ ۽ ڏک واري ڪيفيت جو شڪار ٿي ويا آهن، شھرين صوبائي وزير جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري طرفان عوام جي مدد ڪرڻ واري واضح هدايتن باوجود ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنوعاقل جو رخ ئي ناهي ڪيو، بلڪه هو ڪراچي مان واپس اچي گهوٽڪي ضلعي اندر پنهنجي ڳوٺ عادلپور ۾ ويهي رهيو آھي، شھرين اهو به الزام مڙهيو ته صوبائي وزير چند ماسڪ ۽ سينيٽائيزر به بي پهچ ۽ ضرورت مند ماڻهن بدران من پسند ماڻھن ڏنا آهن، سندس ڪيل ڦوٽو سيشن رڳو پارٽي قيادت کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ آهي.

Bookmark the permalink.