تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

صدر جون ڀٽيون ۾ 14 ورهين جي نينگري جو مامن مٿان وڪرو ڪري زبردستي پرڻائڻ جو الزام

صدرجون ڀٽيون( ن پ ا) صدر جي ڀٽيون ۾ 14 ورهين جي نينگري ڪرن شيخ دانهيندي چيو آهي ته سندس مامي گلزار ۽ شوڪت شيخ ٽن لکن ۾ وڪرو ڪري پنج مهينا اڳ زبردستي نعيم شيخ نالي نوجوان سان نڪاهه ڪرايو هو. هن چيو ته رات دير سان ماما زبردستي کڻڻ آيا جنهن جي مزاحمت ڪرڻ تي سندس پيءُ کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته سندس ماءُ عابده شيخ به لالچ ۾ اچي مٿس تشدد ڪري ماما ۽ ماءُ ننڍڙن ڀائرن کي کڻي ويا آهن. هن چيو ته سندس ماما نعيم سان شادي نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڀائرن کي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ عبدالرحمن انڙ ٿاڻي جي پوليس به ٻٽ بڻيل آهي جيڪا تنگ ڪري رهي آهي. نينگري پيءُ معشوق شيخ سان گڏجي احتجاج ڪندي ايس ايس پي خيرپور ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف جي گهر ڪئي.

Bookmark the permalink.