تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

صحت کاتي پاران ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين جا21 هزار 508 وائل موجود هجڻ جي دعويٰ

پي اي آءِ جي انتظام هيٺ هڪ، هينڊز انتظام هيٺ 34 اسپتالون هلندڙ

حيدرآباد(رپورٽ: فيض کوسو)سنڌ ۾ 15 ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتالون، 52 تعلقا اسپتالون، 129 رورل هيلٿ سينٽر، 795 بيسڪ هيلٿ يونٽ، هڪ هزار 85 گورنمينٽ ڊسپينسريز، 87 اين سي ايچ سينٽرز ۽ 80 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڊسپينسريز قائم ٿيل آهن. سنڌ ۾ صحت کاتي جي انتظام هيٺ هڪ هزار 137، پي پي ايچ آءِ جي انتظام هيٺ هڪ هزار 176، آءِ ايچ ايس جي انتظام هيٺ 111، پي اي آءِ جي انتظام هيٺ هڪ، هينڊز انتظام هيٺ 34، انڊس جي انتظام هيٺ هڪ ۽ ايم اي آر ايف جي انتظام هيٺ 13 اسپتالون هلندڙ آهن. انهن اسپتالن ۾ گذريل ٽن مهينن دوران 68 هزار 294 ڪتي جي ڏاڙهڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنوري دوران انهن اسپتالن ۾ 23 هزار 416، فيبروري دوران 23 هزار 320 ۽ مارچ دوران 21 هزار 558 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته صحت کاتي کي اپريل مهيني ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جي ڪيسن جي ڊيٽا موصول نه ٿي سگهي آهي. صحت کاتي جي دعويٰ آهي ته هن وقت سنڌ ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين موجود آهي جنهن تحت صحت کاتي وٽ 21 هزار 508 وائل، آءِ ايچ ايس وٽ 280 وائل، انڊس وٽ 552 وائل، ايم اي آر ايف وٽ 2 هزار 248 وائل، پي پي ايچ آءِ اي وٽ 9 هزار 497 وائل، پي اي آءِ وٽ 11 وائل ۽ اين آءِ سي ايچ (چائلڊ لائيف) وٽ 55 وائل موجود آهن.

Bookmark the permalink.