تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

صحت کاتي جي اعليٰ ڪارڪردگي: هڪ ئي عهدي تي 2 آفيسر مقرر

حيدرآباد (بيورورپورٽ) صحت کاتي جي اعليٰ ڪارڪردگي جو هڪ ٻيو مثال، هڪ ئي عهدي تي 2 آفيسر مقرر، چارج نه ملڻ ڪري 19هين گريڊ جو ڊاڪٽر پريشان. رپورٽ موجب صحت کاتي سنڌ جي اختيارين ڊي جي هيلٿ آفيس ۾ 19هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪميونيڪيبل ڊزيز ڪنٽرول (CDC IV) جي عهدي تي ٻن ڊاڪٽرن جا آرڊر ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب هڪ ڊاڪٽر چارج نه ملڻ جي ڪري سخت پريشان آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته چيف سيڪريٽري سنڌ جي منظوري سان 31 آگسٽ 2020ع تي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ليلا رام کي بدلي ڪري گريڊ 19هين جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سي ڊي سي فور ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ ۾ مقرر ڪيو جنهن فوري طور پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. ان آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها جاءِ خالي پيل آهي جنهن تي مقرر ڪئي وئي. هڪ ڏينهن جي وٿي کانپوءِ ساڳئي عهدي تي 19هين گريڊ جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر امداد چنا کي به ساڳئي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر امداد چنا چيف ميڊيڪل آفيسر هيپاٽائٽس ڪلينڪ سنڌ گورنمينٽ اسپتال قاسم آباد حيدرآباد ۾ مقرر هو جتان سندس بدلي واري آرڊر ۾ ڄاڻايل هنڌ تي مقرري ڪندي واضح ڪيو ويو ته اها جاءِ خالي پيل هئي جنهن تي مقرري ڪئي وئي آهي. ٻن الڳ الڳ آرڊرن ۾ هڪ ئي عهدي جي جاءِ خالي قرار ڏئي مقرريون ڪيون ويون جنهن ڪري ڊاڪٽر امداد علي چنا کي پنهنجي عهدي جي چارج ملي نه سگهي. چارج نه ملڻ جي ڪري ڄاڻايل ڊاڪٽر سخت پريشان آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر امداد علي چنا جو آرڊر 2 سيپٽمبر 2020ع تي جاري ٿيو پر ڊي ايڇ او آفيس ۾ اهو آرڊر 12 ڏينهن جي وٿي کانپوءِ پهتو. ڄاڻايل آرڊر کي وصول ڪرڻ جي جيڪا تاريخ لکيل آهي اها 14 سيپٽمبر 2020ع آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب ڊاڪٽر امداد علي چنا جي مقرري ڊي جي هيلٿ جي سفارش تي ٿي جڏهن ته ڊاڪٽر ليلا رام جي سفارش مبينا طور هڪ ايم پي اي ڪئي. سياسي مقرري کي اهميت ڏيندي ڊاڪٽر امداد علي چنا کي چارج نه ڏني وئي آهي جنهن ڪري نه رڳو ڄاڻايل ڊاڪٽر پر خود ڊي جي هيلٿ به پريشان آهي جو سندس ڪرايل آرڊر تي عمل نه ٿي سگهيو.

Bookmark the permalink.