تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

صالح پٽ ۽ پيرڳوٺ ويجهو بجلي جو ٿنڀو ڪرڻ ۽ ڪرنٽ سبب نينگري سميت 2 ڄڻا فوت

صالح پٽ/پيرڳوٺ ( نمائندن وٽان ) صالح پٽ لڳ بجلي جو ٿنڀو ڪرڻ سبب نينگري فوت. پيرڳوٺ ويجهو هڪ نوجوان بجلي جي تارن ۾ وچڙي حياتي وڃائي ويٺو. صالح پٽ ويجهو ڳوٺ هادي بخش نون جي رهواسي علي نواز ميربحر جي گهر ۾ بجلي جو ٿنڀو ڪري پيو، جنهن جي هيٺان اچي 12ورهين جي گل پري ڌيءُ علي نواز ميربحر فوت ٿي وئي. هوڏانهن جي پيرڳوٺ جي ڪوٽ مير محمد شھر ۾ نوجوان ياسين پٽ لکمير ڦلپوٽو بجلي جي 11 هزار وولٽيج وارين تارن ۾ وچڙي فوت ٿي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي جون 11 هزار وولٽيج جون تارون هيٺ لڙڪيل هجڻ ڪري واقعو پيش آيو آهي.

Bookmark the permalink.