تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

شھدادپور ويجهو نوجوان پاران وياجين کان تنگ اچي آپگهات جي ڪوشش، آپگهات جو وڊيو وائرل

شهدادپور ( ن پ ا) ڳوٺ ڌڻي پرتو سمون ۾ 30 ورهين جي نوجوان منور علي سمون وياجين جي ظلم ۽ ڌمڪين کان تنگ ٿي زهريلي جيت مار دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. نوجوان دوا پيئڻ دوران وڊيو ڀريندي چيو ته وياجين سندس زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، وياجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، ڌڻي بخش جمالي، فاروق لوهر ۽ شرف الدين ڪيريو کان قرض کنيو جنهن مان ڪجھ لاهي چڪو آهيان، بيروزگاري سبب وڌيڪ نه ٿو ڏئي سگهان، مجبور ٿي آپگهات ڪري رهيو آهيان.

Bookmark the permalink.