تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

شگر ملن جي مرضي سان جنسون پوکڻيون پون ٿيون: آبادگار بورڊ

شگر مل وارا اهڙيون جنسون پوکڻ لاءِ زور ڀرين ٿا جن مان کنڊ وڌيڪ ٺهي

ٽنڊو ڄام: سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ ۾ پنهنجون سٺيون جنسون نه هجڻ ڪري شگر ملن جي مرضي سان ٻيون جنسون پوکيون وڃن ٿيون، هن ٻڌايو ته شگر مل مافيا رڳو اهڙيون جنسون پوکڻ لاءِ زور ڀري ٿي جنهن مان کنڊ وڌيڪ ٺهي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه آبادگار وري ٻيون جنسون پوکين ٿا ته انهن کي چيو ويندو آهي ته هنن جي ڪٽائي آخر ۾ ڪجو، زميندار اهڙي جنس کي ترجيح ڏين ٿا جنهن ۾ وزن گهڻو هجي، جڏهن ته ان جنس کي وري شگر ملون گهٽ اهميت ڏين ٿيون، جنهن ڪري سنڌ جا زميندار مجبورن شگر ملن جي مرضي سان جنسن جي پوکي ڪن ٿا، هن جو چوڻ هو ته ڪمند جي جن جنسن جي سنڌ حڪومت پاران منظوري مليل هوندي آهي اهي به شگر ملز وارا پوکڻ ناهن ڏيندا، هن چيو ته جڏهن انهن جنسن ۾ بيماري لڳي ٿي ته علاج لاءِ به شگر ملن وارا دوائون ڏين ٿا.

Bookmark the permalink.