تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ٽائيم نيوز ھمايون جي رپورٽر امداد پنھور تي پوليس تشدد جو اي آءِ جي سکر نوٽيس ورتو، واقعي تي صحافي برادري ۾ تاءُ پکڙيل

ايڊيشنل آءِ جي متاثر رپورٽر ۽ ايس ايڇ او ھمايون کي پنهنجي آفيس گهرائي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽائيم نيوز ھمايون جي رپورٽر امداد پنھور تي پوليس تشدد جو اي آءِ جي سکر نوٽيس ورتو، ايڊيشنل آءِ جي متاثر رپورٽر ۽ ايس ايڇ او ھمايون کي پنهنجي آفيس گهرائي ورتو ، جڏهن ته واقعي تي صحافي برادري ۾ تاءُ پکڙيل آهي، ياد رهي ته همايون شريف ٿاڻي آڏو پوليس جو ٽائيم نيوز همايون شريف جَي رپورٽر امداد پنهور تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو هو، صحافين جو چوڻ آهي ته پوليس منشيات رکڻ جو ڪوڙو الزام مڙهَي امداد پنهور تي وحشياڻو تشدد ڪيو، ذميوار اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.