تازا ترين
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

شڪارپور ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڇاپا، هزارين رپيا ڏنڊ وصول

شڪارپور(رپورٽر) سيشن جج جي نوٽيس بعد شڪارپور ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن ڇاپا هنيا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ پاران نوٽيس وٺڻ ۽ ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي لاڙڪاڻي کي خط لکڻ بعد سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم مختيارڪار زاهد ڀٽي ۽ انفارميشن آفيسر ارشاد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ شڪارپور شهر جي ملڪ بار، خلجي هوٽل، ديوان جو هوٽل، المدينا بيڪري، رائل بيڪري ۽ محمد يحيٰ سوئيٽس تي ڪارروائيون ڪندي صفائي سٿرائي نه هجڻ، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪرڻ ۽ ٻيا جواز ڄاڻائيندي مٿن هزارين رپيا ڏنڊ هنيو ويو، ان سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويد الرحمٰن لاڙڪ چيو ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ پاران شهرين جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي لاڙڪاڻو کي هدايتون جاري ڪيون ته هو شهر ۾ ڪارروائي ڪري هوٽلن تي کاڌو ۽ شهر ۾ وڪامجندڙ کير جو معيار چيڪ ڪن، ان سلسلي ۾ مختيارڪار شڪارپور ۽ پوليس جي ٽيم سان گڏ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي عملدارن کي ڪارروائيءَ لاءِ شهر ۾ موڪليو هو.

Bookmark the permalink.