تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

شڪارپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان همراهه قتل، واٽهڙو زخمي

شڪارپور(رپورٽ) شڪارپور جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد رستم موڙ وٽ ھٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته گوليون لڳڻ سبب واٽھڙو به زخمي ٿي پيو،اکين ڏٺن شاهدن موجب ھٿياربندن پنجن کان وڌيڪ گولين جا فائر ڪري 45 ورھين جي ذوالفقار آرائين کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته فائرنگ ۾ واٽھڙو امجد شيخ پڻ زخمي ٿي پيو زخمي ۽ مقتول کي واقعي واري ھنڌ بيٺل ماڻھن کڻي آربي يو ٽي سول اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽر پاران ھن جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي، جڏھن ته زخمي جو علاج ھلندڙ آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول ذوالفقار آرائين رستم موڙ جو رھواسي آھي جيڪو پنھنجي گھر واپس وڃي رھيو ھو ته مٿس ھٿياربندن فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي روئيندا پٽيندا گھر کڻائي ويا، ھوڏانھن نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس موجب واقعو رستم موڙ واسي آرائين برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي مامري تان پيش آيو آھي جڏھن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھن، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن کين جلدي گرفتار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.