تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

شڪارپور ۾ سرهينري اسپتال ۽ ڊاڪٽرز ڪالوني تي قبضي خلاف ريلي

شڪارپور (رپورٽر)شڪارپور جي سر هينري هالينڊ اکين واري اسپتال ۽ ڊاڪٽرز ڪالوني تي قبضي خلاف سر ھينري ھالينڊ اسپتال بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي رستم چوڪ کان گھنٽاگھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، قومي عوامي تحريڪ، شڪارپور بچايو تحريڪ، شيعا علماءِ ڪائونسل، جماعت اسلامي، ايس يو پي، تحريڪ انصاف، اين پي پي، سنڌي ادبي سنگت، اسپيشل پيپلز فائونڊيشن سميت سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ممتاز منگي، عبدالستار ڪلادي، زبير سومرو، دوست محمد چانڊيو، علي حسن جتوئي، ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، سميع بلالي، عبدالوھاب ڪاغذي، زاھد ڀنڀرو، زاھد چنو، مقصود احمد ميراڻي چيو ته سر ھينري ھالينڊ اسپتال ۽ ان جي ڊاڪٽرز ڪالوني ٽرسٽ جي پراپرٽي آھي، ان کي ٽرسٽ ۽ ڪو به بلڊر خريد يا وڪرو نه ٿو ڪري سگھي، ھنن جو چوڻ ھو ته چرچ مشن ٽرسٽ ايسو سيئشن جا عھديدار يوسف غل، وليم جون، جاويد نظير ۽ ٻيا عھديدار اسپتال جي زمين کي پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھي وڪرو ڪري ڪروڙين رپيا ٺڳي چڪا آھن، انھن خلاف به سخت ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، ھنن وڌيڪ چيو ته قانون موجب سي ايم ٽي اي جي عھديدارن سميت ڪو به ھن ٽرسٽ پارٽي کي وڪرو نه ٿو ڪري سگھي ڇاڪاڻ ته اھا پراپرٽي عوامي ڀلائي لاءِ وقف ڪيل پراپرٽي آھي، احتجاج ڪندڙن چيو ته با اثر بلڊر مظفر عيساڻي سر ھينري اسپتال جي پراپرٽي تي رھائشي ڪالوني جوڙائڻ چاھي ٿو جيڪا ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ھنن مطالبو ڪيو تہ سي ايم ٽي اي جي عھديدارن ۽ با اثر قبضاخورن خلاف ڪارروائي ڪري سرھينري ھالينڊ اکين واري اسپتال ۽ ان جي رھائشي ڪالوني کي ساڳي حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ اسپتال آڏو بک ھڙتال واري ڪئمپ لڳائي ويندي.

Bookmark the permalink.