تازا ترين
  • *ڪراچي: عيد تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو: واپاري اڳواڻ عتيق مير * ڪراچي: هن سال عيد جي موقعي تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو * ڪراچي: گذريل سال عيد تي 35 ارب رپين جو ڪاروبار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي جهاز حادثي ۾ سڙي زخمي ٿيل ٽن گهريلو ملازم نارين واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو * ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب پورهيت نارين ناهيدان، مائرا ۽ عزيزان جي سهڪار جي خاطري ڪرائي * ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه سڙي زخمي ٿيل ٽن ملازم عورتن جي عيادت ڪري سندن مالي سهائتا ڪندا *
  • *ڪراچي: اوقاف کاتي عيد جي موڪلن کانپوءِ سنڌ جون 3 اهم درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو * ڪراچي: اوقاف کاتي جا ملازم زائرين کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا * ڪراچي: شاهه عبدالطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر ۽ عبدالله شاهه غازي جون درگاهون زائرين لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو *
  • *اسلام آباد: نيب خودمختيار ادارو آهي ۽ اُن اداري ڪڏهن به پنهنجو ڪم بند ناهي ڪيو: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه * اسلام آباد: جهاز سانحي ۽ ڪورونا سبب عيد سادگي سان ملهائي پئي وڃي: وفاقي گهرو وزير * اسلام آباد: لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا سختي جو فيصلو صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو: اعجاز شاهه *
  • *سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جي شڪي عورت فوت *52 ورهين جي عورت کي ڪورونا جي شڪ سبب آئسوليٽ ڪيو ويو هو*
  • *عمرڪوٽ ڀرسان چنگچي رڪشا جي ٽڪر ۾ نينگر نصير ڪلر چيڀاٽجي فوت *هيرآباد اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام*
  • *لاڙڪاڻو: مختلف علائقن ۾ ڪتن 2 ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *لاڙڪاڻو: 6 ڏينهن ۾ ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻهن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو*
  • *پنجاب جي راجنپور واري علائقي مان 3 پوليس اهلڪار اغوا، پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو*
  • *سنڌ ۾ آپگهات وارن واقعن ۾گهٽتائي نه آئي، ٽنڊو باگو ڀرسان 2 عورتن زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *واهي پانڌي: مستوئي پاڙي ۾ پورهيت عيسيٰ سومرو جي گهر کي باهه لڳي وئي *گهر مڪمل طور سڙي ويو، رڳو جانيون بچائي نڪتا آهيون، مالي سهائتا ڪئي وڃي:متاثر*
  • *چڪ: جتوئي برادري ۾ تڪرار تان جهيڙو، ڌنار مرڻينگ *هڪ ڌر ڌنار کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ 12 مينهون ڪاهي وئي*
  • *ڪراچي: برنس روڊ ۾ اي سي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو*
  • *ٺڪراٺو ڀرسان جوڻاس مائينر کي آرڊي 9 وٽان 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل*
  • *ٽنڊو باگو ڀرسان ناري زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *پکو ڀرسان نوجوان سيد خالد حسين فائرنگ ۾ مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *نوجوان تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا *معاملو سيد برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار جو نتيجو آهي: پوليس *

شڪارپور: گهر اندر پسٽل جي گولي لڳڻ سبب انسپيڪٽر جي زخمي ٿيل ڌيءُ فوت

شڪارپور(ن پ ا) شڪارپور ۾ گهر اندر مبينا طور اتفاقي گولي لڳڻ سبب پوليس انسپيڪٽر جي زخمي ٿيل ڌيءُ دم ڏئي ڇڏيو. خانچند آباد پاڙي ۾ صبح ڌاري گھر اندر مبينا طور گولي لڳڻ سبب 15 ورھين جي نينگري آشا ڌيءُ سليم پٺاڻ سخت زخمي ٿي پئي، کيس آر بي يو ٽي سول اسپتال بعد سکر منتقل ڪيو ويو هو، جتي زخمن جا سور نه سھندي نينگري دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نينگري جي پيءُ انسپڪٽر سليم پٺاڻ موجب نينگري پسٽل کي صاف ڪري رھي ھئي ته اوچتو پسٽل مان فائر ٿي ويو، جنھن ۾ نينگري زخمي ٿي پئي. رابطو ڪرڻ تي نيو فوجداري پوليس ٻدايو ته نينگري کي پيٽ ۾ گولي لڳي ھئي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، فوت ٿي ويل نينگري جو لاش سکر کان گھر منتقل ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.