تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

شڪارپور پوليس يوم علي جي حوالي سان نڪتل ماتمي جلوس کي روڪي ورتو، ڪيترائي عزادار گرفتار

جلوس ايس او پيز تحت ڪڍيو ويو هو، پوليس کي گرفتاريون نه ڪرڻ گهرجن ها:شيعا اڳواڻ

گرفتار ٿيلن ۾ جتوئي هائوس جو ترجمان علي حسن جتوئي سوڌو 100 کان وڌيڪ ماتمي شامل

شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور پوليس يوم علي جي حوالي سان نڪتل ماتمي جلوس کي روڪي ورتو، هڪ سئو کان وڌيڪ عزدار گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيا ويا. شيعا اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جلوس ايس او پيز تحت ڪڍيو ويو هو، پوليس گرفتارين کان اڳ سمجهائي ها ته جلوس نه ڪڍيو وڃي ها.
عزادارن يوم علي جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ته لکيدر پوليس کين روڪي ورتو، هڪ کان وڌيڪ اعزادار گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيا ويا. گرفتار ٿيلن ۾جتوئي هائوس جو ترجمان علي حسن جتوئي، ايم ڊبليو ايم اڳواڻ فدا عباس سميت 100 کان وڌيڪ ماتمي شامل آهن.
ماتمي جلوس کي روڪي عزادار گرفتار ڪرڻ بابت شيعا اڳواڻن جو چوڻ هو ته ماتمي جلوس ايس او پيز تحت ڪڍيو ويو هو، حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا. شيعا اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس ماتمي جلوس تي ڪارروائي بدران سمجھائي ها ته ان وقت ئي ماتمي جلوس کي موٽايو وڃي ها.

Bookmark the permalink.