تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڳوٺ سومرو مير جت ۾ مدرسي ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 18 ورهين جو نوجوان ڪاشف علي مير جت فوت ٿي ويو آهي، شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.