
شيخ ڀرڪيو(ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ڀرسان حادثي ۾ هڪ نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مشن اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3ڄڻا معشوق ٿهيم ۽ يونس ٿهيم سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي حيدرآباد نيو پئي ويو ته نوجوان يونس ٿهيم پٽ ابراهيم ٿهيم رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گاڏين کي ٿاڻي تي آندو، جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.