تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

شيخ ڀرڪيو ڀرسان نينگر کي نانگ ڪکي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي: حيدرآباد نيئندي فوت

نينگر ڪوڙو خُشڪ کي ڀرڪيو اسپتال ۾ وئڪسين نه ڏني وئي: وارث

حيدرآباد کڻي پئي وياسين ته جسم ۾ زهر پکڙجڻ سبب فوت ٿي ويو

شيخ ڀرڪيو(ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ڀرسان نانگ جي ڪکڻ سبب معصوم نينگر فوت،ڳوٺ غازي خان خشڪ ۾ سرون کڻندي 12ورهين جي ڪوڙو خشڪ کي نانگ ڪکي وڌو، کيس ڊي ايڇ يو سينٽر شيخ ڀرڪيو آندو ويو، جتي نانگ جي وئڪسين نه هئڻ ڪري جواب ڏنوويو، نينگر کي سول اسپتال حيدرآباد نيو پئي ويو ته زهر جسم ۾ ڦهلجڻ سبب رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، وارثن موجب جيڪڏهن نينگر کي ڀرڪيو اسپتال ۾ نانگ جي ويڪسين ملي ها ته هو بچي وڃي ها. شيخ ڀرڪيو اسپتال ۾ نانگ ۽ ڪتي جي وئيڪسين نه هئڻ ڪري ڪيترن ئي مريضن جي حالت خراب ٿيو وڃي ۽ رستي ۾ فوت ٿيو وڃن، انتظاميه ڪي به قدم ناهن کنيا، علائقي واسين موجب هتان جي مريضن کي حيدرآباد ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن موڪليو ويندو آهي جيڪي رستي ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا.

Bookmark the permalink.