تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

شيخ ڀرڪيو ڀرسان عورت جي اغوا خلاف وارثن جو احتجاج

شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ڀرسان شادي شده ناري مبينا اغوا ٿيڻ خلاف سندس مڙس اولاد سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ انور نظاماڻي واسي ڏيوشي بجاڻي شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب پهچي اولاد سميت احتجاج دوران دانهيندي چيو ته برادري جي بااثر رامسن بجاڻي سندس زال سپا بجاڻي کي اغوا ڪري ويو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته واقعي جو شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس جوابدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. شيخ ڀرڪيو پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي عورت جي خبر ڪونهي.

Bookmark the permalink.