تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

شهر ۾ پاڻي جو مسئلو ڪافي پراڻو آهي: اڳوڻو ميئر سکر

سکر: سکر جي اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ ۽ اڳوڻي ڊپٽي ميئر طارق حسين چوھاڻ چيو آھي تھ پاڻيءَ جو مسئلو اڄ جو نھ پر ڪافي پراڻو آھي، نساسڪ واري دور ۾ 4 ارب رپين جو ٽينڊر ٿيو، جيڪي اُھو ڪينسل نھ ٿئي ھا ۽ فلٽر پلانٽ لڳي وڃن ھا تھ مسئلو حل ٿي وڃي ھا. ميونسپل ڪارپوريشن ڏيڍ سالن تائين پاڻيءَ جي لاءِ ڪوششون ورتيون پھريان پاڻيءَ سپلاءِ تمام گھٽ ھئي مختلف ھنڌان شڪايتون اينديون ھيون، ميونسپل ڪارپوريشن پاڻي فراھمي لاءِ 30 ڪروڙ رپين جي 90 ڪلو ميٽر تائين پائيپ لائين تبديل ڪئي، بکر آئرلينڊ ذريعي پاڻي فراھمي کي يقيني بڻائي پاڻي کوٽ ختم ڪئي، سکر ۾ مجموعي طور 22 لک گيلن جي سپلاءِ آھي فلٽر گھٽ ٿئي ٿو پر ڪوالٽي پاڻي بھتر آھي اِن باوجود ڪجھ ھنڌن تان شڪايتون پڻ اينديون رھيون آھن. پاڻي ۽ ڊرينيج نظام کي ميونسپل ڪارپوريشن ڪنٽرول ڪري ورتون ۽ شڪايتون ختم ٿي ويون پر عدالتي حڪم تي اِھو نظام پبلڪ ھيلٿ حوالي ڪيو ويو، جيڪڏھن اسان وٽ اختيار ھجن ھا تھ صورتحال وڌيڪ بھتر ھجي ھا. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ اڳ مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراھمي ڪافي ڏينھن تائين متاثر ھوندي ھئي پر ھاڻي روزانو جي بنياد تي پاڻي فراھم ڪيو ويندو آھي. شھرين تائين پيئڻ واري صاف پاڻي جي فراھمي فلٽريشن جي لاءِ 4 کان 5 ارب رپيا لڳي ويندا، اسان پلاننگ ڪري اختيارين کي آگاھ بھ ڪيو آھي. پر اميد تھ مستقبل ۾ اِن تي ڪم ڪيو ويندو ۽ پيئڻ جي پاڻي وارو بنيادي مسئلو حل ٿي ويندو. تيستائين پراڻا ۽ نوان فلٽر پلانٽس فعال/ لڳايا ويندا جنھن سان شھرين کي پيئڻ جو جي پاڻي وارو مسئلو حل ٿي ويندو. گذريل 35 سالن ۾ سکر اندر ايترو ڪم ناھي ٿو جيترو ميونسپل ڪارپوريشن جي دور ۾ رڪارڊ ڪم ٿيو آھي، اڳوڻي ميئر سکر جو چوڻ ھو تھ جڏھن اسان آياسين تھ ميونسپل ڏانھن صرف پگھارن جي مد ۾ 30 ڪروڙ رپيا بقاياجات ھئي، ميئر سميت آفيسون نھ ھيون، پاڻي جو مسئلو تمام گھڻو ھو، ڊرينيج جي بھتري لاءِ 45 ھزار فوٽ مان 44 ھزار فوٽ پائيپ لائين جو ڪم مڪمل ٿي ويو آھي. باقي رھيل ڪم ھڪ مھيني ۾ مڪمل ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.