تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

شهر ۾ صفائي ڇو نٿا ڪرايو؟ حيدرآباد ۾ هڪ شهري ميئر جو گهيرو ڪري ورتو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ صفائي نه ڪرائڻ تي شهرين افتتحاحي تقريب دوران ميئر حيدرآباد طيب حسين جو گهيراءُ ڪري ورتو، ايڇ ايم سي ميئر ڦليلي جي علائقي پريٽ آباد ۾ روڊ جي اسڪيم جو افتتحاح ڪري رهيو هو ته يوسي رحمان ٽائون جي رهواسيي هڪ شهري ميئر جو گهيراءُ ڪري ورتو، شهري چيو ته اوهان جا چيئرمين اسان جي ووٽن سان ڪامياب ٿيا آهن پر هو شهرين جو ڪو به ڪم نه ڪري رهيا آهن، اوهان شهر ۾ ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اهو پڇڻ اسان شهرين جو حق آهي، ميئر شهري جي هڪڙي به سوال جو جواب نه ڏنو، ڪجهه شهرين وچ ۾ پئي ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ميئر سوالن جا جواب ڏيڻ بغير علائقي مان هليو ويو.

Bookmark the permalink.