تازا ترين
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

شهدادڪوٽ ۾ 10 مهينا اڳ سروٽا هڻي بيدردي سان نينگري کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

شهدادڪوٽ (رپورٽر) بادشاهه ڪالوني ۾ اڍائي مھينا اڳ 10 ورهين جي نينگري نظيران مگسي کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدار کي بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار جوابدارعلي حيدر مگسي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند ميڊيا کي ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بادشاهه ڪالوني ۾ اڍائي مھينا اڳ 10 ورهين جي نينگري نظيران مگسي کي جوابدار علي حيدر مگسي مٿي ۾ سروٽا ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش خالي پيل جڳهه ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو ھو. هن چيو جوابدار کي گهر ۾ اچڻ کان منع ڪرڻ جي ڳالهه تان ڪاوڙجي نينگري نظيران کي بي دردي سان قتل ڪيو ھو.

Bookmark the permalink.