تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

شهدادڪوٽ ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو مظاهرو

شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي الله آباد پاڙي ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين زيب سنڌي، حسنين دايو، لياقت جوڻيجو، نعمان غوري، وسيم جوڻيجو، منور منگي ۽ ٻين ننڍڙا ٻار ساڻ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اسان جي پاڙي ۾ 2 مهينن کان ايس ڊي او هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرائي محلي واسين کي عذاب ۾ وجهي رهيو آھي، اسان جا ننڊڙا ٻار صبح جو ناشتو ڪرڻ بنا اسڪول وڃڻ تي مجبور آھن. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو گئس بحال ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.



Bookmark the permalink.