تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

شهدادڪوٽ ڀرسان وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر 12 مسافر زخمي

شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ڀرسان مسافر وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر، عورتن ٻارڙن مردن سميت 12 مسافر زخمي، ان سلسلي ۾ رتوديرو کان شھدادڪوٽ ايندڙ وين ۽ ڪار جو مستوئي شاخ تي ٽڪر ٿيڻ سبب ٻارڙن عورتن سميت 12مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان 4 مسافرن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ سميران، شريفان، صغرا، حاڪم زادي، عامر، راجا سومرو، ڪنبير، صفدر، رستم علي، نديم، نادر علي ۽ محمد مراد شامل آهن.



Bookmark the permalink.