تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

شهدادڪوٽ مال پڙي ۾ شديد ٻاڙائي، جانورن جا اگهه چوٽ چڙهيل

قبوسعيدخان، سجاول جوڻيجو، رتوديرو، عرضي ڀٽو مان مالوند ۽ واپاري جانور کڻي پهتا

اسان ڍور ڪاهي پڙي تي پهتا آهيون، پر سبب مناسب اگهه نه ملي رهيا آهن : مالوند

شھدادڪوٽ (رپورٽ ايم اسحاق بوزدار ) شھدادڪوٽ ۾ قرباني جي عيد ۾هڪ ڏينهن اڳ بعد مال پڙي ڪورونا وبا جي ڪري شديد ٻاڙائي جو شڪار ٿي ويو آهي، مال پڙي ۾ ٻڪرن ڍورن جي خريداري لاءِ مختلف علائقن مان خريدار پھتا آهن ان جي به مالوندن کي قرباني جي مال جا صحيح اگهه نه ملي سگهيا آهن جڏھن ته شھدادڪوٽ ۽ آس پاس ڪچي پل قبوسعيد خان سجاول جوڻيجو رتوديرو عرضي ڀٽو جي علائقن کان مالوند ۽ ڀاڳيا پنھنجا ڍور ڪاھي شھدادڪوٽ جي مال پڙي تي پھچي ويا آهن، مال پڙي تي موجود مالوندن رشيد علي نواز علي محمد شاھنواز سميت ٻين ٻڌايو ته ڍور ۽ ٻڪرا ڪاھي پڙي تي پھتا آھيون مال پڙي ۾ شديد ٻاڙائي سبب ڍورن جو مناسب اگهه نه ملي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ مھانگائي وڌي وئي آهي ڍورن لاءِ چارو ۽ کڙ جا اگهه وڌي ويا آهن . جيترو ڍور تي خرچ ڪيو ويو آهي ايتري اگھه ۾ ڍور جو خريدار نه ملي رھيو آھي، مھانگائي ۽ ڪورونا جي ٻاڙائي سبب ڍور واپس ڪاھي وڃڻ تي مجبور آھيون، آس پاس جي علائقن کان آيل واپارين محمد نصير شاھن علي شير بادشاهه خان سميت ٻين جو چوڻ آهي ته مال پڙي ۾ قرباني جا ڍور ڏٻرا آھن پر ان باوجود به انھن جو اگھه تمام گھڻو آهي اھڙي اگهه تي ڍور خريد نه ٿا ڪري سگھون ايتري اگهه ۾ ڍور خريد ڪرڻ ۾ فائدو ناهي ڇو ته ايتري اگهه ۾ ڍور خريد ڪيون ته نقصان ڪري رھيا آھيون. ان لاءِ ڍور خريد نه ڪري رھيا آھيون، مال پڙي تي شھري به وڏي انگ ۾ موجود ھئا اڪثر شھرين ٻاڪرو مال خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر ڇيلن ۽ ٻڪرين جا اگهه به چوٽ چڙهيل ھئا قرباني لاءِ ٻڪر جو اگهه 30 ھزار کان 40 ھزار مٿي ھئڻ سبب شھرين جون دانھون نڪري ويون آهن.

Bookmark the permalink.