تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

شهدادپور ۾ ڦر ۽ شراب ڪيسن جا 3 جوابدار جيل حوالي

شھدادپور(ن پ ا) شهدادپور ۾ ڦر ۽ شراب جي ڌار ڌار ڪيسن جا 3 جوابدارن کي عدالتن جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ شھدادپور پوليس ڦر ڪيس ۾ روپوش جوابدار پيار علي زرداري کي گرفتار ڪري سيڪنڊ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو جتي معزز جج جوابدار کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جوابدار ۽ سندس هڪ ساٿي تي هاشم سٽي ڪالوني وٽ هڪ لک 15 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ جو الزام آهي. ٻئي پاسي دريا خان ايٽ مقصودو رند ٿاڻي جي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار پنھون جنڊاوڙو کي گرفتار ڪري فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون مسٽر شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت سڳوري کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن سرهاري ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪچي شراب جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نور نبي ڪيريو جيل منجهان پنهنجي وڪيل ايڊوڪيٽ ڪاشف آرائين معرفت سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون مسٽر شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جتي جوابدار جو وڪيل ۽ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر علي نواز بروهي پيش ٿيا، دليلن بعد عدالت سڳوري جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.