تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

شهدادپور ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ڏوهاري کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا

شھدادپور (ن پ ا) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 2 ڀيرا عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ سانگهڙ ۾ 13 سالن جي نينگري (ر) کي زيادتي جو نشانو بنائڻ بعد قتل ڪرڻ جي واري ڪيس جي ڪارروائي مڪمل ٿي، ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ارشاد راجپوت کي 2 ڀيرا عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، واضح رهي ته 3 سال اڳ جوابدار ارشاد راجپوت جاني پوره پاڙي جي رهواسي عبدالرزاق جي 13 ورهين جي ڌيءَ (ر) کي زيادتي بعد قتل ڪري لاش هالا روڊ تي ڪمند جي فصل ۾ اڇلايو هو، ڄاڻايل ڪيس ايڊيشنل سيشن ڪورٽ شھدادپور ۾ هلڻ بعد ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪوٽ سانگھڙ منتقل ڪيو ويو هو. جنھن جو گذريل ڏينهن فيصلو ٻڌايو ويو.

Bookmark the permalink.