تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

شهدادپور ۾ زميندار وٽان بازياب 18 هاري آزاد

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت زميندار جي مبينا نجي جيل تان بازياب ڪرايل 18 هارين کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، پوليس عدالتي حڪم تي ڳوٺ سرور شوقو آرائين ۾ ڪاروائي ڪندي زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي 18 هارين کي بازياب ڪرائي ايڊيشنل سيشن جج مسٽر عاصم جميل ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي بيان بعد عدالت سڳوري بازياب تمام هارين کي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، بازياب ٿيلن ۾ حميريو، ٽيپو، شريمتي پريمي، شريمتي ڀائپي، شريمتي بادلي، سوناري، هريش ۽ ٻيا شامل آهن. بازياب ٿيندڙ هارين سندن زميندار غلام مصطفيٰ آرائين مٿان الزام هڻندي دانهيو ته زميندار ھارپي جو حساب نه ڏيڻ سان گڏ اڃ ۽ بک تي رکندو هو، جبري پورهيو ڪرائڻ بعد قيد ڪري ڇڏيندو هو، زميندار جي اهڙين ظلمن کان تنگ اچي عدالت جو در کڙڪايو.

Bookmark the permalink.