تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

شهدادپور ۾ جھيڙي ڪيس جي 5 جوابدارن جي ضمانت منظور

شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ پنج جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، شھدادپور ٿاڻي تي داخل ٿيل جهيڙي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن عبدالغني خاصخيلي، وليداد، مدثر علي، مقصود علي ۽ اياز هارون خاصخيلي پنھنجي وڪيل ايڊوڪيٽ محمد علي شيخ معرفت سيشن جج سانگهڙ جي عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، جيڪا عدالت ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي شھدادپور جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪئي، ايڊيشنل سيشن جج مسٽر عاصم جميل ميمڻ جي عدالت ۾ درخواست تي گذريل ڏينھن ٻڌڻي ٿي. عدالت سڳوري پنجن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي 50 – 50 هزار جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، واضح رهي ٻه هفتا اڳ شھدادپور پوليس ڳوٺ خداداد ڪپري واسي دلدار علي خاصخيلي جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدارن تي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو هو، عدالت ڄاڻايل جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

Bookmark the permalink.