تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

شاگرد يونين لاءِ مارچ ڪندڙن تان ڪيس ختم ڪريو: سول سوسائٽي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگرد اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ شاگرد اڳواڻن پاران سخت ردِعمل جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته شاگرد يونين جي بحالي لاءِ مارچ ڪندڙ اڳواڻن تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن، ان حوالي سان ڪالهه ايڇ آر سي پي اڳواڻ اسد اقبال بٽ، پائلر اڳواڻ ڪرامت علي، نوجوان انقلابي تحريڪ جي اڳواڻ سجاد ظهير، شاگرد اڳواڻ تصنيف اعظم ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شاگرد اڳواڻ عالمگير وزير کي غير قانوني طور کنڀڻ ۽ بعد ۾ جيل منتقل ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين، حڪومتي ڌر ۽ وزيراعظم پڻ شاگردن جي جمهوري حق کي تسليم ڪيو آهي، ٻئي پاسي موجوده حڪومت ٻٽي پاليسي اختيار ڪندي “شاگرد يونين” جي بحالي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪامريڊ عمار علي جان ۽ سندس ساٿين، ڪامريڊ مشال خان شهيد جي والد اقبال لالا تي غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اسان حڪومت جي هن غير جمهوري عمل ۽ شاگرد دشمن پاليسين جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين ۽ عورتن خلاف تشدد ۽ جنسي هراسمينٽ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، انهي لاءِ “اينٽي هراسمينٽ وجيلنس ڪاميٽيون” جوڙيون وڃن، جنهن ۾ شاگردن کي پڻ نمائندگي ڏني وڃي.تعليمي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، سمورن لاپتا سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري جبري کنڀڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. تعليم جي نجڪاري بند ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.