تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

شاگرد تنظيمون تشدد ۽ تعليمي تباهي جون ذميوار قرار: قاعدا جوڙي يونين بحال ڪنداسين: عمران خان

آئيندي جا ليڊر بڻائڻ لاءِ شاگردن جي يونين جو ڪردار پڻ تمام اهم هوندو آهي: وزيراعظم

سرگرمين کي ڏسي شاگردن جون يونينون بحال ڪنداسين،تفصيلي ڪوڊآف ڪنڊڪٽ لاڳو ٿيندو

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم عمران خان شاگرد تنظيمن کي پرتشدد ۽ تعليمي ماحول جي خرابي جو ذميوار قرار ڏيندي مڪمل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ لاڳو ڪري شاگرد يونين کي بحال ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعطم عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته يونيورسٽيون مستقبل جا ليڊر تيار ڪنديون آهن، شاگرد يونينون مستقبل جا ليڊر پيدا ڪرڻ لاءِ اهم هونديون آهن، ان حوالي سان اسان دنيا جي بهترين ۽ مشهور يونيورسٽين جي بهترين سرگرمين کي ڏسي تفصيلي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ لاڳو ڪنداسين، جيئن شاگرد يونينون بحال ڪري انهن جي هاڪاري ڪردار مان فائدو حاصل ڪري سگهون، وزيراعظم اهو به چيو آهي ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ شاگرد تنظيمون پرتشدد بڻجي ويون آهن ۽ تعليمي ماحول کي خراب ڪرڻ جو باعث بڻجن ٿيون، ياد رهي ته شاگرد يونين جي بحالي لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 29 نومبر تي احتجاجي مظاهرا ڪري شاگرد يونين کي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، ضياءُ الحق جي دور ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين مٿان پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جنهن کي لڳ ڀڳ 34 سال ٿي ويا آهن، ويجهي ماضي ۾ شاگرد يونين جي احتجاج کان پهريان ان مامري کي سينيٽ چيئرمين هجڻ دوران ميان رضا رباني سينيٽ ۾ وڏي پيماني تي بحث جو موضوع بڻائي سينيٽ پاران مطالبو ڪيو ويو هو ته ملڪ اندر شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي.



Bookmark the permalink.