تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 49 نوان ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 194 ٿي ويو *عمرڪوٽ ۾ وڌيڪ 73 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، انگ 438 ٿي ويو*
  • *دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي،اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻيا پيش *ڪيس ۾ عابد قائمخاني جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *سمورن شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي: عدالت جو حڪم *
  • *لاڙڪاڻو: شيخ زيد اسپتال ۾ معصوم ٻارڙي فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام *ڪالهه معصوم ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪرايو، ڊاڪٽرن پاران علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي: وارث *
  • *ڊي سي دادو مساڻ جي زمين تي قبضي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، روينيو ٽيم پاران زمين جي ماپ *روينيو ٽيم هندو پنچائت جي مکي گرمک داس سان گڏ مساڻ واري هنڌ پهچي زمين جي ماپ ڪئي *ماپ دوران مساڻ جي هڪ ايڪڙ زمين تي قبضي جي نشاندهي *
  • *اسلام آباد: احتساب ڪورٽ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف داخل ڪيل نيب ريفرنس ۾ اڳڀرائي *نامزد جوابدار اڳوڻي سيڪريٽري قانون ارشد فاروق فهيم جي بريت جي درخواست رد *احتساب عدالت پاران جوابدار ارشد فاروق خلاف ٽرائل جاري رکڻ جو فيصلو *جوابدار تي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري هڪ ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 57 ڪيس پازيٽو اچي ويا،انگ وڌي 897 تي ويا *سانگهڙ ضلعي ۾ 9375 ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا: انتظاميه*
  • *نندو ويجهو دڪان کي باهه، زرعي ڀاڻ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو *ڳوٺ اولياءُ راڄسين ۾ امين ملاح جي دڪان کي باهه وڪوڙي ورتو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 23 ڪيس ظاهر *ميرپورخاص ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 848 ٿي ويو *
  • *سکر ۾ مقامي سطح تي وڌندڙ ڪورونا ڪيسز وارو معامرو، مختلف علائقا سيل ڪيا ويا *ضلعي انتظاميا سکر، صالح پٽ ، روھڙي ۽ پنوعاقل جا وڌيڪ علائقا سيل ڪري ڇڏيا* جتي وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي: ڊي سي سکر*
  • *اسلام آباد احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ پارڪ لين ڪمپني ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پارڪ لين ريفرنس خارج ڪرڻ واري درخواست تي دليل جاري نيب قانون مطابق آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي ڪري ها؟ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 نوان ڪيس ظاهر، انگ وڌي 208 ٿي ويو *متاثرن کي پنھنجن گهرن ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي: ضلعي انتظاميا *
  • *ميرپورخاص ويجهو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت *اميدن بري درگاهه وٽ سائيڪل تي ويندڙ 14ورهين جي وشال ڀيل ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت *نينگر جو لاش اسپتال منتقل، ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو *
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو نيب ريفرنس *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري چوٿون ڀيرو ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي *خورشيد شاهه گذريل ٻن مهينن کان نيب جي حراست ۾ آهي: خورشيد شاهه جو وڪيل *

شاگردياڻي سان ڇو ٿو ڳالهائين؟شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ جهيڙو

خيرپور ۾ جهيڙي دوران شاگردياڻي بيهوش: يونيورسٽي گيٽ آڏو احتجاج: پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي

سکر (بيورو رپورٽ) خيرپور جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ شاگردياڻي سان ڳالهائڻ تي ٻن شاگردن ۾ جهيڙو ٿي پيو. شاگردياڻي بيهوش ٿي وئي. شاگردياڻي ڪشف چيو آهي ته کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي هئي. يونيورسٽي انتظاميا به اغوا جي ڪوشش وارين ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي ڪشف ڌيءُ محمد حنيف آرائين کي بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد بعد کيس هوش آيو. اُن موقعي تي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي ڪشف بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته تنوير وساڻ ۽ آفتاب سومرو سندس ڪلاس فيلو آهن، هوءَ جڏهن پوائنٽ بس جو انتظار ڪري رهي هئي ته آفتاب ساڻس ڳالهائي رهيو هو، جنهن تي تنوير آيو ۽ ڳالهائڻ کان روڪيو ته ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ هوءَ بيهوش ٿي ويئي.
شاگردياڻي چيو ته کيس ڪنهن به اغوا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، باقي بيهوش ٿيڻ کانپوءِ کيس ڪنهن به شئي جي خبر نه پئي. هُن اغوا ڪوشش واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.
يونيورسٽي جي گيٽ آڏو احتجاج
شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي کانپوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان احتجاج ڪيو ويو. يونيورسٽيءَ جي گيٽ آڏو احتجاج دوران نعريبازي پڻ ڪئي وئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي اغوا ڪوشش جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو آهي.
يونيورسٽيءَ جي سيڪيورٽي انتظاميا جو بيان
ٻئي پاسي يونيورسٽيءَ جي سيڪيورٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته گاڏي نمبر بي پي ايم 074 واري گاڏي وڃي رهي هئي ته سيڪيورٽي گارڊز اُن کي روڪيو، جنهن بعد گاڏي اندر شاگردياڻي ڪشف بيهوش نظر آئي ته شاگرد آفتاب کوسو ۽ تنوير وساڻ فرار ٿي ويا. جنهن کانپوءِ گاڏي کي يونيورسٽيءَ وٽ بيهاري شاگردياڻي کي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.