تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

شاهه لطيف جي پيدائش واري هنڌ تي تحقيق نه ٿي، ثقافت کاتي سار نه لڌي

تاريخ جي ماهرن، شاهه عبدالطيف جي جنم ڀومي ڀيئن پور ڀرسان ڄاڻائي آهي

ڀٽائي جي تعمير ڪيل مسجد اڃان به آب تاب سان موجود، لطيف جي حويلي جا آثار به ظاهر

ٽنڊو ڄام (رپورٽ: مبين مگسي) ٽنڊو ڄام ڀرسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي جنم ڀومي جي ڪنهن سار نه لڌي، شاهه لطيف جي تعمير ڪيل مسجد، سندس جنم واري حويلي جي آثارن کي ثقافت کاتي به وساري ڇڏيو آهي ۽ نه ئي تحقيق ڪئي وئي آهي. خبر موجب تاريخ جي ماهرن، اوائلي ڪتابن ۾ ڀٽائي جي جنم ڀومي ٽنڊو ڄام ڀرسان ڀيئن پور موسي کٽياڻ کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، شاهه لطيف جي پيدائش جي هنڌ ۽ سال ۾ ڪيترائي اختلاف نظر اچن ٿا، تعلقي حيدرآٻاد ٻهراڙي جي ڳوٺ موسي کٽياڻ ويجهو ڀيئن پور ۾ ڀٽائي جي تعمير ڪيل مسجد اڃان به پنهنجي آب تاب سان موجود آهي، جڏهن ته سندس حويلي جا آثار اڄ به موجود آهن، پر سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتو ان عظيم ورثي کي سنڀالڻ يا ان جي پذيرائي ۾ مڪمل طور عدم دلچسپي جو شڪار آهي، ثقافت کاتي مسجد کي ثقافتي ورثو قرار ناهي ڏنو ۽ نه ئي اتي موجود ڀٽائي جي حويلي جي آثارن کي پڌرو ڪيو آهي، اهڙي ريت اتي ڀٽائي جي حوالي سان باغ، ڀٽائي جي تڪئي جون روايتون موجود آهن، پر انهن تي به سرڪار ڪنهن به قسم جو ڪو ڌيان نه ڏئي سگهي آهي، شاهه لطيف جي پيدائش ۽ حويلي واري هنڌ ايندڙ جو چوڻ آهي ته سرڪار کي گهرجي ته ڀٽائي جي حوالي سان سندس پيدائشن جي هنڌ، تاريخ بابت تحقيق ۽ ماهرن جي ٽيم ذريعي آثارن بابت تحقيق ڪري ورثي جي سنڀال ڪئي وڃي. تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي سان لاڳاپيل سنڌ جي ليکڪ عنايت انڙ چيو ته شاھ سائين جا وڏا افغانستان جي شھر حرات مان لڏي اچي، سنڌ جي لاڙ واري علائقي بلڙي شاھ ڪريم ۾ اچي ويٺا، جتان بعد ۾ ڀٽائي جو والد حبيب شاهه لڏي اچي تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي موسي کٽياڻ لڳ ڀيئن پور ڳوٺ ۾ قيام ڪيو، جيڪو ھاڻوڪي شھر نصرپور جي ويجهو موجود ھو، ھنن شھرن جي وچ ۾ ھڪ واھ نظير پڻ وھندو ھو ۽ سنڌوندي جو وھڪرو به ھتان ھو، درياھ کي بند نه ھجڻ جي ڪري هي شھر وڏين وڏين ڀٽُن تي آباد هو، جنھن جو نشان اڄ به سندس دور جي هڪ مسجد جو ڀٽ تي ھجڻ آهي، هن چيو ته ڀيئان اصل سومرا ذات جي ھڪ شاخ آهي ۽ اهو دور سومرن ۽ ڪلھوڙن جو دور ھو، ڪجھه سال اڳ ھتي ٻه دڙا ھئا، پر وقت گذرڻ سان ھڪ دڙو ختم ٿي ويو، اتي موجود هڪ دڙي جي آثارن ۾ دڙي جي تعمير سنھي سرن سان ٿيل نظر اچي ٿي، ۽ اھي چن سان لمبيل آھن، جيڪي ھاڻ به موجود آھن، ان دور ۾ تعمير ٿيل مسجد به دڙي تي موجود آهي.

Bookmark the permalink.