تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

شام جو مختصر فيصلو ڏينداسين، حلف نامو ڏيو ته آرمي چيف جي مقرري، نئين سر مقرري ۽ ملازمت ۾ واڌ بابت 6 مهينن ۾ قانون ايندو: سُپريم ڪورٽ

منجهند تائين آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ بابت سمري پيش ڪريو، سمري مان ملازمت ۾ ٽن سالن تائين واڌ وارا لفظ ڪڍو: چيف جسٽس

آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪنداسين، پگهار، الائونس ۽ ٻيون شيون به شامل ڪيون وينديون: فروغ نسيم جي عدالت کي خاطري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار ۽ آرمي چيف جي وڪيل کي حڪم ڏنو آهي ته حلف نامو جمع ڪرايو ته آرمي چيف جي مقرري، ٻيهر مقرري ۽ ملازمت جي مُدي واڌ جي حوالي سان قانون 6 مهينن ۾ قانون ٺاهيو ويندو. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جو وڪيل فروغ نسيم پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران وفاقي سرڪار طرفان آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ بابت ٽيون ڀيرو ترميم ٿيل سمري پيش ڪئي وئي.
حلفي بيان ڏيو ته 6 مهينن ۾ ترميم ڪندئو
چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمري ۾ جنهن آئين جو ذڪر ڪرڻ گهرجي، اُها آهي ئي ڪونه. وڪيل فروغ نسيم چيو ته هو عدالت کي يقين ڏياري ٿو ته آرٽيڪل 243 ۾ بهتري آڻينداسين. حلفي بيان ڏيون ٿا ته آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ پگهار، الائونس ۽ ٻين شين کي شامل ڪنداسين، اِن جو به حلفي بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان اسان کي حلف نامو ڏيو ته 6 مهينن ۾ اُن حوالي سان قانون ۾ ترميم ڪندئو. قانون ۾ ترميم چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري، ٻيهر مقرري ۽ ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان هوندي.
منجهند تائين سمري کڻي اچو: شام جو مختصر آرڊر
ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه فروغ نسيم ۽ اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سمري مان 3 سال ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارا لفظ ڪڍو، شام تائين مختصر آرڊر جاري ڪيو ويندو. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته منجهند تائين آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان نئين سمري پيش ڪريو. 6 مهينن ۾ قانونسازي نه ٿي ته ڇا مقرري غير قانوني هوندي؟
ٽن مهينن ۾ قانون نه ٺهيو ته واڌ ملي ويندي
چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پُڇيو ته ڇا توهان قانون ٽن مهينن ۾ تيار ڪندو، جيڪڏهن ٽن مهينن ۾ قانون تيار ٿي ويا ته پوءِ آرمي چيف کي ٽن مهينن ۾ توسيع ملي ويندي، ڇا توهان جي ڳالهه تي لکي ڇڏيون ته ٽن مهينن ۾ قانون ٺاهيو ويندو. اٽارني جنرل چيو ته توهان فيصلي ۾ مُدو طئه ڪري نه لکو، اهو ڪم اسان ڪري وٺنداسين. قانون ٺاهڻ بعد اُن کي پارليامينٽ ۾ به پيش ڪرڻو آهي.

Bookmark the permalink.