تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

شادي پلي پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) شادي پلي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان ڪانڀو شر جي وارثن پاران پوليس جي ڌمڪين ۽ جوابدارن جون ضمانت رد ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪانڀو شر جي وارثن چيو ته ايس ايڇ او عزيز الله سينهڙو، اي ايس آءِ هوت ڪپري، پي سي عبدالستار ڪنڀار ۽ حوالدار مهاڌيو ميگهواڙ اسان جي نوجوان ڪانڀو شر کي آزادي لاءِ 40 هزار نه ڏيڻ تان قتل ڪيو آهي، پوليس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن جون ضمانتون رد ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.