تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

شادي هالن سميت سمورو بند پيل ڪاروبار کولڻ جي اجازت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي پاران سنڌ ۾ شادي هالن سميت سمورو بند پيل ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ، گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ ۾ سمورو ڪاروبار اين او سي سي جي فيصلي مطابق کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، هفتي جا 6 ئي ڏينهن ڪاروبار کليل رهندو، ڪاروبار کولڻ بابت مقرر ڪيل وقت صبح جو 6 کان رات جو 8 وڳي تائين آهي، ڇنڇر جي رات 9 وڳي تائين ڪاروبار کليل رهندو، گهرو کاتي سمورن ضلعن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ڪاروبار کولڻ بابت ڏنل اجازت جي حوالي سان جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرائين. اهو نوٽيفڪيشن 15 آڪٽوبر تائين لاڳو رهندو.

Bookmark the permalink.