تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سگهڙن جي سرتاج محمد ملوڪ عباسي جي 22هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سگهڙن جي سرتاج ۽ سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي باني استاد محمد ملوڪ عباسي جي 22 ورسي اڄ ملهائي ويندي، ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ رٿيل ورسي تقريب ۾ ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو سلطان احمد کوسو، جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف حسين انڙ، مشھور ناليوارا سگهڙ سياسي سماجي ادبي ۽ صحافي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا، ورسي تقريب جي موقعي تي ساليانو استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا، رسي تقريب اڄ شام 5 بجه کان پهرين نشست جي شروعات ڪئي ويندي جنهن ۾ ناليوارا سگهڙ اديب شاعر سگهڙ مرحوم محمد ملوڪ عباسي جي زندگي بابت روشني وجهندا بعد ۾ صوفياڻو راڳ جي محفل به ٿيندي جنهن صوفي فنڪار پنهنجو فن جو مظاهرو ڪندا.

Bookmark the permalink.