تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

سڪرنڊ: نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، مقتول جي ڀاءُ ۽ زال پاران هڪ ٻئي تي قتل جو الزام

سڪرنڊ (رپورٽ: نيازچانڊيو) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ڌٻي ڪيريو جو رهواسي 33 سالن جي شاهه محمد ڪيريو جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش سندس ڳوٺ ويجهو قبرستان مان هٿ آيو. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي سڪرنڊ پوليس پهچي فوتي جو لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ کڻائي آئي، جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. فوتي جي ڀاءُ جمال ڪيريو ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ کي سندس گهرواري قزبانو ڪيريو ۽ سندس امڙ ۽ ڀاءُ قتل ڪيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف فوتي شاهه محمد جي گهرواري قزبانو ڪيريو ٻڌايو ته منهنجي مڙس کي سندس ڀاءُ ملڪيت جي مامري تان قتل ڪيو آهي. ايس ايچ او سڪرنڊ رابطي تي ٻڌايو ته اسان فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد ئي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، فوتي جي گهرواري ۽ سندس ڀاءُ هڪ ٻئي تي قتل ڪرڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن اسان مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون جلد ئي اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي ته ڳچيءَ ۾ هلڪو نشان آھي.

Bookmark the permalink.