تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سڪرنڊ لڳ انتظاميا پاران اجازت ڏيڻ باوجود پوليس ميلو بند ڪرائي ڇڏيو

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ جي تاريخي بزرگ شهيد جيئو جنگ جي ميلي جي لاءِ گادي نشين پاران ايس ايس پي بينظيرآباد کان اجازت ملڻ بعد ميلو لڳرايو ويو.. پهرين ڌمال جي موقعي تي سڪرنڊ پوليس پهچي ميلو بند ڪرائي ڇڏيو. سڪرنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي مٿان کان حڪم آهي ان لاءِ اسان ميلو بند ڪرايو آهي. جڏهن ته دڪاندار پڻ مايوس نظر آيا. اڪثر دڪاندارن کي وڏي نقصان سبب اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. جڏهن ته درگاهه شهيد جيئو جنگ جي گادي نشين فدا حسين ۽ ٻين سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته مون کي ايس ايس پي بينظيرآباد پرميشن ڏني هئي جنهن جو ليٽر پڻ موجود آهي هاڻ اڄ ميلي جي پهرين ڌمال آهي ۽ ميلو مڪمل تيار آهي ان ٽائيم تي سڪرنڊ پوليس ميلو بند ڪرايو آهي جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي.

Bookmark the permalink.