تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

سکر ۾ گهر کي باهه، ننڊ پيل 7 گهر ڀاتي سڙي زخمي

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ هڪ گهر کي باھ، ڪمري ۾ سُتل 7 گھر ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا، پراڻي سکر جي نصرت ڪالوني ويجھو ريلوي آئوٽر سنگنل وٽ شفقت جتوئي جي گھر ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪمري ۾ سُتل 7 گھر ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ رخسانه جتوئي، نور خاتون، چاهت، علي عباس، سلمان ۽ ريحان شامل آهن. سڙي زخمي ٿيلن کي پاڙيسرين سکر سول اسپتال پهچايو، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي. شروعاتي طور تي باھ لڳڻ جو ڪارڻ گئس ليڪيج ٻڌايو پيو وڃي.



Bookmark the permalink.