تازا ترين
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

سکر ۾ ڪنڌڪوٽ جي بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف رهواسين جو احتجاج

سکر(بيورو رپورٽ) ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ رئيس بهادر خان ميراڻي جي رهواسي ميراڻي برادري جي ماڻهن پاران بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شاهد حسين، الاهي بخش ۽ ٻين ٻڌايو ته 7 سال اڳ سندن ڀاءُ الاهي بخش ميراڻي کي غلام علي عرف وادايو جي ڌيءَ سان شادي ڪرائي وئي هئي، جنھن تي برادري جي بااثر ماڻھن سندس سهري عزيز محمد ۽ ٻين ڪوڙو ڪارنهن جو الزام ڏئي مٿن ڏنڊ وڌو ويو، رقم نھ ڏيڻ ۽ ڳالھه نھ مڃڻ تي ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي گھرن تي حملو ڪري جوڙي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏيڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.