تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

سکر ۾ وڌيڪ 4 پاڙا سيل، نصيرآباد ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب 14 ڏينهن لاءِ شهر مڪمل سيل

سکر ( رپورٽر) سکر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب سمارٽ لاڪ ڊائون تحت انتظاميا وڌيڪ شهر جا 4 پاڙا سيل ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لوڪل بورڊ، ڪنڀار پاڙو، فريڪل ڪالوني ۽ ريلوي ڪوارٽرز کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور 10 ڏينهن لاء ڄاڻايل پاڙن کي سيل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف نصيرآباد ۾ ھڪ ئي ڏينھن ۾ ڪورونا جا 15ڪيس ظاھر ٿيڻ تي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ سڀاڻي کي 14 ڏينهن لاءِ شهر کي مڪمل سيل ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.