تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سکر ۾ واهن تي حد دخلين خلاف آپريشن دوران داخل دهشتگردي ڪيسن مان 90 ڄڻا بري

سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت ڪينالن تي حد دخلين خلاف آپريشن دوران احتجاج ڪرڻ تي داخل ڪيل دهشتگردي جي ڪيسن ۾ 90 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سکر جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پوليس ۽ آبپاشي کاتي پاران داخل ڪيل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. ان دوران سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪينال رهندڙ ماڻهن تي اي ٽي سي ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت سڳوري 90 ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، انتظاميه ڪينال واسين جا گهر ڊاهي بي گهر ڪيو هو، ان دوران احتجاج ڪرڻ تي پوليس ۽ آبپاشي انتظاميه متاثرين مٿان 4 ڌار ڌار اي ٽي سي تحت ڪيس داخل ڪرايا هئا.

Bookmark the permalink.