تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سکر ۾ مٺي پاڻي لاءِ لڳايل فلٽر پلانٽ ناڪارا بڻجي ويا

سکر: سکر ۾ مٺي پاڻي لاءِ لڳايل فلٽر پلانٽ ناڪارا بڻيل، سکر شهر جي لڪس پارڪ، ملٽري روڊ، پراڻو سکر، شڪارپور روڊ ۽ ٻين هنڌن تي ڳري رقم خرچ ڪرڻ بعد مٺي پاڻي پاڻي جا فلٽر پلانٽ لڳايا ويا جيڪي ميونسپل توڙي نساسڪ عملي جي لاپرواهي سبب سنڀال نه ٿيڻ ڪري ناڪارا بڻجي ويا آهن، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ طرفان پراڻا فلٽر پلانٽ جلد بحال ڪرڻ ۽ انھن سان گڏ نوان فلٽر پلانٽ لڳائڻ واري اعلان تي بھ ھن وقت تائين عمل ناھي ٿي سگھيو. جنهن سبب شهري والس روڊ واري فلٽر پلانٽ ۽ جري نلڪن مان قطارن ۾ بيھي بدستور پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن. پاڻي جي کوٽ سبب مائڪرو ڪالوني، نيوپنڊ، ڀوسا لائين، اسلام ڪالوني، درزي محلا، ٿرمل ڪالوني، گول ٽڪري ڪالوني ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ 12 ئي مهينا پاڻي جو بحران هجي ٿو، جنهن ڪري انهن علائقن جون عورتون، مرد توڙي معصوم ٻار جري نلڪن پاڻي قطارن ۾ بيهي ڀرين ٿا.

Bookmark the permalink.