تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سکر ۾ مهانگائي، شهري روڊن تي نڪري آيا، مٿي ۾ اٽو وجھي احتجاج

‎سکر(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائي خلاف سکر جا شھري روڊن تي نڪري آيا، شھرين مٿي ۾ اٽو وجھي انوکو احتجاجي مظاھرو رڪارڊ ڪرايو ۽ جيئڻ مھانگو، مرڻ مھانگو، اٽو مھانگو، سبزي مھانگي، کنڊ مھانگي ۽ دوائون مھانگيون جي نعريبازي ڪئي. اَن موقعي تي مولانا عبيداللھ ڀٽو، وقار سومرو، نصير احمد گوپانگ، حبيب اللھ انصاري، فقير امام الدين محمداڻي ۽ ٻين چيو تھ موجودا حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پھچي چڪي آھي. مھانگائي سبب نوجوان نسل خودڪشيون ڪري رھيو آھي. وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آھي. ملڪ جا حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن. سکر شھر ۾ ڀاڄيون، اٽو، چانور، گيھ، تيل، مرچ، فروٽ، دوائن سميت روز مرھ جي استعمال ھيٺ شين جا اگھ چوٽ چڙھيل آھن، پورھيت طبقو 2 ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.‎

Bookmark the permalink.