تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سکر ۾ فارم تي ستل همراهه پراسرار نموني فوت، قتل جو خدشو

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ويجھو پولٽري فارم تي ستل شخص پراسرار نموني فوت ٿي ويو، وارثن قتل جو خدشو ڏيکاريو آهي. ان ڏس ۾ پولٽري فارم تي ستل پنجاھ ورھين جو شخص خان محمد قريشي پراسرار نموني فوت ٿي ويو آھي، وارثن ٻڌايو تھ خان محمد پنهنجي سئوٽ جي پولٽري فارم تي گذريل ٽيهن سالن کان ڪم ڪندو هو، ڪنهن سان به دشمني نه آهي، صبح جو پولٽري فارم تي بيهوش ڏسي دل جي تڪليف سمجهي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال کڻائي وياسين جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي. جنھن جي مٿي تي ڌڪ پڻ لڳل آھي. تنھن ڪري کين خدشو آھي تھ پيرسن کي قتل ڪيو ويو آھي. سائيٽ ايريا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي تھ اطلاع ملڻ تي پوليس پولٽري فارم تي پھتي آھي پوسٽ مارٽم ۽ قانوني گھرجن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ناھن پھتا، جيڪي پيرسن جو پاڻمرادو موت ٿيڻ جو بھ خدشو ظاھر ڪري رھيا آھن. پر اِن باوجود پوليس پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد معامري متعلق گھڻ رخي جاچ ڪندي.

Bookmark the permalink.