تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سکر ۾ عورت جو قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

سکر(بيورو رپورٽ): قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ متاثر عورت جو وارثن سميت سکر پريس ڪلب آڏو مظاهرو. ان سلسلي ۾ سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد سيشن ڪورٽ واري علائقي جي رهواسڻ مسمات شبانه اعواڻ پنهنجي مائٽن سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيو آهي ته 20 ڏينهن اڳ سندس ماءُ مسمات آمنا کي معمولي ڳالهه تي رشتيدارن قتل ڪيو هو، جوابدار هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آهن ۽ اهي اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس امڙ جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.